شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
هڪ عظيم ٻار جو جنم....
غلام رسول چانڊيو
ڪنهن به خطي ۽ ڌرتيءَ جون سنگين حالتون شايد فطرت جي قانونن ۾ مداخلت هونديون آهن، تڏهن ته فطرت ان ڌرتيءَ جي سماجي دروازي کي کُڙڪائي، هڪ اهڙِي سوکڙي پيش ڪندي آهي، جنهن سان اُن خطي جي سڄي سماجي زندگيءَ حيرت زده ٿي ويندي آهي. ڪلهوڙا دؤر به ائين ئي ته هيو، جنهن ۾ سنگينيون، سنڌ جي تقدير بڻجي چڪيون هيون ۽ سنڌ اچي درد ۽ پيڙا جي ان انتها تي پهتي هئي:
کامان، پچان، پُڄران، لُڇان ۽ لوچيان،
تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيئان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
جاگرافيائي حوالي سان سنڌ جي زري گهٽ وچ تي، هالا حويليءَ جي ڀِڪَ سان ڀئينپور ڳوٺ ۾ شاهه حبيب جي گهر ۾ هڪ اهڙي سوکڙيءَ جو ظهور ٿيو، جنهن سنڌ کي عالمي فڪر ڏيئي، ان عظمت تي پهچايو، جو سنڌ سوين ڀيرا لُڏندي به ٻڏي ڪانه.
هائو! ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، ڀٽ شاهه ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سيد حبيب شاهه جي گهر ۾ جنم وٺي، سڄي سنڌ جو ٿي ويو ۽ سنڌ سدائين لاءِ لطيف سائينءَ جي ٿي وئي.
سيد حيب شاهه ۽ سندس گهر واريءَ کي اها خبر ئي نه هئي ته هُو جنهن ٻار کي پنهنجي گهر ۾ پالي رهيا آهن، اهو ٻار جسماني طور ته کڻي سندن ئي هيو، پر اهو ٻار اصل ۾ سنڌ جي ايندڙ هزارين صدين جو ڌڻي هيو، جنهن کانسواءِ سنڌ وٽ پنهنجي سموري تاريخ ۾ اهڙي ٻيءَ ڪابه ڌراوت نه هئي.
نڪا ڪن فيڪون هئي، نه ڪي لڱ لَهم،
بنيو هو نه بت ۾، اڃان ڪي آدم،
مون توهين سين سنگ، اها ساڃاءِ سپرين.
هن ٻالڪ، جنهن ’ڪن فيڪون‘ کان به اڳ هن ڌرتيءَ سان پيار جو پيچ اڙايو هيو، تنهن کي ڪنهن جي ڪل هئي ته هُو هر دؤر جو اينٿروپالاجسٽ، علم فڪليات، معاشيات، ميڊيڪل ۽ نيچرل سائنس سميت دنيا جي مُڙني علمن جو ڌڻي ٿي بيهندو!
سن 1689ع وارو سال سيد حبيب شاهه لاءِ سڀاڳو ته هو ئي، پر سنڌ لاءِ ته ماڳهين اهڙي سوکڙي هيو، جنهن سنڌ جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سڙهه ساڄا ڪري، تاريخ جي بي رحم بحر مان بچائي ورتو.
ايڇ. ٽي. سُورلي چواڻي ته: ”انساني ڄاڻ جي هاڻوڪيءَ صورتحال ۾ ڪنهن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ جو جنم، سمجهائي سگهڻ جهڙو واقعو ناهي. وراثت ۽ ماحول جي سمجهاڻي به معقول نه ٿي لڳي. ڪو به ماڻهو جڏهن پنهنجن ساٿين ۾ هڪ مختلف ۽ اعليٰ انسان ٿي اُڀري ٿو، تڏهن اهڙي حيثيت اختيار ڪرڻ بابت سندس جنم وٺڻ واري وقت ۽ نيپاڄ وارين حالتن مان ڪو اندازو لڳائي ڪونه سگهيو آهي، ڪنهن ڏات ڌڻيءَ جي ڏات لاءِ محدود هوندي آهي. شاهه عبداللطيف فطري طور مشاهدي، اظهار ۽ فطري سچائيءَ جي وڏين خوبين جو مالڪ هو، جن هن کي اها صلاحيت ڏني، جو هن پنهنجي اعليٰ تصور ۽ پنهنجن ماڻهن جي خيال کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سموهيو ۽ سينگاريو، جن جي وچ ۾ هو رهيو ٿي. سندس شاعريءَ لاءِ بنا وڌاءَ جي اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته اها امر آهي.
اهڙيءَ طرح شيڪسپيئر ’مرچنٽ آف وينس‘ ۾ لکيو آهي ته:
”ڪونهي اهڙو ڪو به ننڍي ۾ ننڍو گولو تنهنجي نظر ۾،
جيڪو پنهنجي جنبش ۾، ڪنهن ملائڪ وانگر ڳائي ٿو،
۽ جوان اکين وارن سهڻن ملائڪن لاءِ ڳائيندو رهي ٿو،
اهڙو آهنگ آهي امر آتمائن وٽ،
پر جيستائين مٽيءَ جي فاني لباس سان،
پوريءَ طرح ڍڪيل آهيون، اسين ان کي ٻڌي نٿا سگهون.“
لطيف سائينءَ به سڄي حياتي ڳائيندو رهيو، اهي درد، جيڪي سندس ماڻهن جا هئا. اهي خطرا، جيڪي سندس قوم کي لاحق هئا. اهي پيڙائون، جيڪي اڃا آيون نه هيون ۽ اچڻيون هيون، پر اسين سڀ مٽيءَ جي فاني لباس ۾ ڍڪيل هئاسين، تنهنڪري لطيف سائينءَ جي اها صدا ٻُڌي نه سگهياسين ته:
”ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا“
۽ سمجهي نه سگهياسين ته لطيف سائينءَ جي ان صدا ۾ ڪهڙو درد آهي! ٻڌون ها ته سمجهون ها ۽ سمجهون ها ته سنڌ ڏُکن جا ڏونگر نه ڏسي ها ۽ نه ئي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جُڪڙيل هجي ها.
لطيف سائين جنم کان ئي نرالو هيو، ڄڻ ته فطرت کان ڪجهه وٺي آيو هجي. پور پونس ته وڃيو ڀٽن ۾ ويهو رهي، جي وريو پور پونس ته وڃيو گهاٽن وڻن جي وچ ۾ فطرت سان مُکيا ميل ٿئي. هيءَ ڪا ناداني نه هئي ۽ نه ئي ڪا ديوانگي! هن ٻار وٽ اهڙي ڪا شڪتي هئي، جيڪا ٻين ٻارن وٽ نه هئي،
هن ڪا اهڙي راند رهڻ پئي چاهي، جا ٻيا ٻار کيڏي نه پئي سگهيا. تر ۾ ڪو به اهڙو نه هيو، جيڪو لطيف سائينءَ واري عظيم راند کيڏڻ جي لائق هجي. ڳوٺ جا ٻار ته بس عام ٻارن وانگر هئا، تنهنڪري فطرت جي حسناڪين جي اها راند لطيف سائينءَ، فطرت سان ئي کيڏڻ لاءِ نڪري ويندو هيو.
امڙ جي حالت ڏسي ويچارو پيءُ به ڇا ته ڪري!؟ ماءُ ڄڻ ته سڪيلڌي پُٽ لاءِ ديواني پيءُ جيجان جي حالت نه سنڀريو سگهي ته سائين به اچي پيو ٽاپين ۾! پر نينگر سو ٻارن ۾ هجي ته لڀي ! پاڙي ۾ هجي ته ملي ! سو جيجان سميت حبيب شاهه به پريشان. سکائن سان ڄاڻو هو لطيف!
سيد حبيب شاهه کي پهرين گهر واريءَ مان به پُٽ ڄائو هيو، جنهن جو نالو به لطيف رکيو هئائين، جنهن کي ڌڻيءَ سڏائي ورتو. وري ٻي گهر واريءَ مان پٽ جو اولاد ٿيس ته نالو رکيائين ’جمال شاهه‘. اهڙيءَ طرح وري وڏي گهر واريءَ مان ٻيو پُٽ پيدا ٿيو، تنهن جو نالو رکيائين ’لطيف‘! شايد حبيب شاهه جي گهر ۾ هڪ اهڙي لطيف جي تخليق ٿيڻي هئي، جنهن کي لاحد جا پنڌ پچائي، دنيا کي حيرتزده ڪرڻو هيو ۽ اهو ئي هيو لطيف، جنهن دنيا کي حيرتن جون هزارين سوکڙيون آڇي، تحرڪ جي ان پنڌ تي روان دوان ڪيو، جيڪو پنڌ اڃان تائين جاري آهي.
سيد حبيب شاهه جا سڀ ڪم رهجيو وڃن، نينگر جو نڪري ته موٽن جو نالو ئي نه وٺي، کيس الائي ته ڪهڙي ڪهڪشائين ساهڙ جي تلاش هئي، جو اڳتي هلي چيائين:
”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“
هن ٻار جي اندر ۾ ڪا اهڙي سوڙهه هئي، جا ڪنهن فطري وشالتا لاءِ ماندي هئي، تڏهن ته کيس ڳوٺ، ڳوٺ جا گهر ۽ ماڻهو به سوڙها ٿي لڳا. هالا تعلقي ۾ کٽياڻن لڳ ڀئينپور ته بنهه ننڍڙي وستي هئي، جتي لطيف جهڙي عظيم ٻار کي ڳولا جا پيچرا ۽ وشالتا جون منزلون ڪٿان ملڻيون هيون، تنهنڪري هن جو گهڻو وقت جنگلن، برپٽن، دڙن، ڀڙن ۽ فطري منظرن منجهه اڪيلائيءَ واري حالت ۾ گذرندو هيو.
تاريخ جي ٽِڙيل پکڙيل ۽ ڦاٽل پنن مان ڳولجي ٿو ته 1689ع کان ڪيئي صديون اڳ ۽ پوءِ اڄ تائين سنڌ ايڏو وڏو ماڻهو پيدا ڪري نه سگهي آهي. لطيف سائينءَ جو اصل نسل ڪو دراوڙي به نه هيو، پر لڳي ائين ٿو ته ڪنهن واچوڙي جي مٽي، موهن جي دڙي وٽان اڏامي وڃي، هرات پهتي هوندي، جو سندس وڏن مان سيد مير عليءَ کي موهن جي ان مٽيءَ سنڌ ڏانهن لڏي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو، جيڪو پڻ وڏو داناءُ مڙس هيو ۽ امير تيمور جي حڪومت واري زماني ۾ وڏو نالو ڪڍيائين. اهڙيءَ طرح مير عليءَ جي نسل مان لطيف سائينءَ، ميرڻ پوٽن سيدن مان شاهه حبيب جو پٽ، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پڙ پوٽو هيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙي ڏاهي ۽ عظيم مفڪر لاءِ اهو عام ڪيو ويو ته هو جڏهن پنهنجي استاد ميان نور محمد ڀٽيءَ وٽ پڙهڻ ويٺو ته هن الف کان اڳتي پڙهڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته الف کان اڳتي ڪجهه به نه آهي. اهڙيءَ صورتحال کانپوءِ سندس استاد آخوند صاحب اهڙو احوال اچي شاهه حبيب سان ڪيو. جنهن لطيف سائينءَ کي چُمي چيو ته: ”پٽ تون حق تي آهين، پر زماني ۾ سبق ڏيڻ جو اهو ئي طريقو آهي.“ تنهنڪري چيو ٿو وڃي ته لطيف سائين ڪنهن وٽ به نه پڙهيو ۽ اُمي هيو ۽ جو علم هيس، سو خُدائي ڏات هئي.
عقل ۽ فهم اها ڳالهه ان ڪري به مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، جو جيڪڏهن لطيف سائين اڻ پڙهيو هيو ته هو پنهنجي پڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو سنڌي ڪلام، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي رومي ۽ قرآن پاڪ هر وقت پاڻ سان ڪيئن رکي ها؟ سمجهه ۾ اچي ٿو ته کيس سنڌي، عربي، فارسي ۽ هندستان جي ڪيترين ٻولين تي عبور حاصل هيو. ڪن ڌُرين جو اهو به خيال آهي ته لطيف سائين، ڀڳتي تحريڪ جو آخري روشن ستارو هيو. هن ڀڳت ڪبير جي ڪلام جو به ڀرپور مطالعو ڪيو. لطيف سائينءَ جي دؤر ۾ فارسي سرڪاري زبان طور استعمال ۾ ايندي هئي، پر هو هڪ عظيم وطن پرست هوندي، سڀئي ٻوليون ڄاڻڻ باوجود، ڪڏهن به ڪنهن ڌاريئي قصي کي پنهنجي شاعريءَ ۽ فڪر جو حصو نه ٿو بڻائي. ايتري حد تائين، جو هو پنهنجي وطن جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح آگاهي ڏئي ٿو ته جي اوهان ڪا ڌاري ٻولي ڳالهائي ته هميشه لاءِ غلام ٿي ويندؤ:
”جي تو پارسي سکئين، ته گولو تون غلام.“
سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل آيتون، حديثون، عربي توڙي فارسي (تمام نه هئڻ برابر) ۽ هندي محاورا اهو ٻُڌائين ٿا ته سندس فڪر ۾ اهي سڀئي بوليون هڪ ته حوالي طور استعمال ٿيل آهن ۽ ٻيو ته هو انتهائي وڏي پڙهي لکي هستيءَ جو مالڪ هو. جي ائين نه هجي ها ته هو ’ڪن فيڪون‘ ۽ ’لاحد‘ جي مسئلن تي بحث ۽ سائنسي شعور رکندڙ نه هجي ها.
”نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا مورت ماه.“
يا وري لطيف سائين هيئن نه چوي ها:
”لوچيان ٿي لاحد ۾، هاري لهان نه حد.“
بهرحال، سائينءَ جي هلت چلت ننڍي هوندي کان ئي نرالي هئي. هُو ڏسيل راهن ۽ ٺهيل رستن تي هلندو ئي نه هيو. ”لوڪ وهي لهوارو، اسين وهون اوڀارا“ وانگر، هن کي رستا ئي پنهنجا هئا. هو ونجهه وٽيءَ، اِٽِي ڏَڪر، لِڪ لڪوٽيءَ واري راند بجاءِ ستارن، سپارن ۽ ڪهڪشائن سان کيڏڻ وارو ٻار هيو. هوائن جي رُخن ۽ درياهن جي ڇولين جي ٻولي سمجهندي، انهن سان طبع آزما ٿي پيو ڪندو هيو، تڏهن ته اڳتي هلي چيائين:
تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا تيلهائين،
سڄڻ جيڏاهين، تون تيلهائين اڀرين.
هن جا پرين، سپرين، مائٽ ۽ مٽ ڀئينپور يا هالا حويليءَ جي آسپاس هيا ئي ڪونه جيڪي ڏسڻ ۾ ٿي آيا. هن جا رفيق ته آديسي فقير هئا. هن جا مائٽ ٿر جا مارُو هئا. نياڻين کي سُور ته وهانءَ کانپوءِ ملن ٿا، پر لطيف سائينءَ، ٿر جي ماروين ۽ سسئيءَ جا سور، سُسئيءَ ۽ ماروي بڻجي محسوس ڪيا، تڏهن ته چيائين:
سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا،
اهي ٻيئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
سورن جي سانڀارن، کيس ڏُکارو بڻائڻ سان گڏ نماڻو به بڻائي ڇڏيو. هونئن ته اها نماڻائي لطيف سائينءَ کي فطرت ۽ موروثيت وٽان ئي ملي، جا اڳتي هلي هڪ اهڙي صبر ۾ تبديل ٿي، جو ڪڏهن به هٿان نه وڃايائين.
لطيف سائين رڳو مثنوي رومي ۽ شاهه ڪريم جي رسالي تي ڀاڙي ڪونه ويٺو هوندو ۽ نه ئي انهن تصنيفن کيس مالامال بڻايو، جو لطيف سائينءَ دنيا جو ايڏو وڏو شاعر بڻيو. هن مارويءَ کان ليلا چنيسر، مومل راڻي کان سسئيءَ ۽ سورٺ کان سهڻيءَ تائين سڀئي ڏندڪٿائون، قصا ۽ واقعا ٻُڌا، پڙهيا ۽ پَرکيا.
وطن جي چپي چپي کي پنهنجي مشاهداتي فِڪر سان لتاڙي ۽ نپائي وڏو ڪيو. ڪابل، ڪنڌار کان جيلسمير سميت هندستان جي ڪيترن علائقن جا دؤرا ڪيائين. جوڳين، سنياسين ۽ ڪاپڙين سان جبلن جا گوناگون پنڌ پچائي، سسئيءَ کي نئون جنم ڏنائين. سسئيءَ جي پنڌ- سُورن ۽ دردن سان ڪيل سي پنڌ لطيف سائينءَ وڏي خوشيءَ سان ڪري، دنيا کي درد جي مزي جو به ادراڪ ڏنو. هن جي اندر کيس رُلائي ڇڏيو ۽ انهن رولاڪين جيڪا لطيف جي رهبري ڪئي، ان لطيف کي ان عظيم فڪر جي انتها پَسائِي، جو جبلن کي به روئڻو پيو ۽ مِرُون به مامري پيا:
ٻئي ويٺا رون، ڏُکي ڏونگر پاڻ ۾،
ڪنهن کي ڪين چوُن، منجهن جو پريتڻو.
جوانيءَ ۾ جيءَ کي جادُو ته لڳو هئس، پر لطيف سائينءَ خود هڪ اهڙي جادوءَ جو جنم هيو، جنهن جي فڪر جي پروڙ وارو پنڌ اڄ تائين ”نبيريانس نه نبري“ واري صورت وٺيو بيٺو آهي. شاهه حبيب، جيڪو خود هڪ وڏو شاعر هيو، سو ويچارو سيد اچي پريشان ٿيو. پُٽ کي ڪير سنڀاليس؟ وٺيو جو مُنهن ڪري ته راتين جون راتيون ۽ ڏينهنَ جا ڏينهن الائي ڪيڏانهن هليو وڃي؛اڪيلائيءَ ۾ ويٺو ڳالهائي؛ تارن سيارن سان ڪچهريون ڪري؛ ڪڏهن اِنڊلٺ کي ويٺو رنگ بخشي ته ڪڏهن انڊلٺ اچيو وجود کي رڱيو وڃيس؛ ڪڏهن ٿر جي وارِي اُڏاميو اچيو وجود ميساريو وڃيس، ته ڪڏهن مٽيءَ کي طوفان ڪيو پيو اڏامي. هُو هڪ ٻار هيو يا جادوگر!
نيٺ حبيب شاهه به پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنس ته ڀلي وڃي رمز پرينءَ جي سمجهي. لطيف سائينءَ پاڻ ئي پنهنجي اختيار کان ٻاهر هيو ته سائين حبيب شاهه جي اختيار ۾ اچڻ وارو ڪٿان هيو! لطيف سائين شايد پنهنجي اختيار ۾ رهڻ وارو ئي نه هيو ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي اختيار ۾ رهي ها ته فطرت هيڏو وڏو ماڻهو پيدا ڪيئن ڪري ها! جنهن خود فطرت کي هڪ اهڙي ڄار ۾ ڦاسائي، اهڙو ته سواليه ڪري ويو آهي، جو اڄ تائين فطرت جون اهي ڳنڍيون ڪير کولي نه سگهيو آهي ۽ اهي ڳنڍيون مڪمل طور شايد ايستائين نه کُلنديون، جيستائين وري سنڌ، فطرت کي هڪ ٻيو لطيف نه ڏئي! شايد تيستائين فطرت کي سنڌ جي ڪُک سائِي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو! ائين به ٿي سگهي ٿو ته لطيف سائينءَ جي انساني آزاديءَ، برابريءَ، وقار، جياپَي، ترقيءَ، عزت ۽ عظمت واري فڪر جي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ٿيڻ تائين سنڌ کي هڪ ٻئي عظيم ٻار جو انتظار ڪرڻو پوندو.