!حق موجود

!صوفي بلاگ ۾ توهان کي حق موجود

دنيا جو عظيم مفڪر، شاعر ۽ صوفي هستي.....:

دنيا جو عظيم مفڪر، شاعر ۽ صوفي هستي.....

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي

تحقيق: غلال رسول چانڊيو

سوانح

پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب،

پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو. (شاهه)

هيءُ ڪلام ان عظيم مفڪر ۽ صوفيءُ هستيءَ جو آهي، جنهن وحدت الوجود، وحدت الشهود، معرفت، طريقت، شريعت، حقيقت، ڪثرت، وحدت ۽ ڪل کان ويندي جديد سائنسي، سماجي ۽ ما بعد الطبعيات جي رازن جون منزلون طئه ڪيون ۽ انسان ذات کي دانش جي سمنڊ مان اڻ ڳڻيا هيرا ۽ موتي مُيسر ٿي رهيا آهن.

اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون، ڪائناتي مفڪر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، جنهن جي شاعري ۽ فڪر، اثر ۽ تاثير، درد ۽ پيڙا، جدوجهد ۽ تبديلي، انساني وقار، جياپي ۽ خوشحالي توڙي عالمي برابريءَ جو هڪ عظيم ۽ اڻ کٽندڙ خزانو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو جنم 1689ع بمطابق 1101 هه ۾ پراڻي حيدرآباد ۽ هاڻي مٽياري ضلعي ۾ هالا تعلقي جي ڳوٺ ڀئينپور، جيڪو هالا حويلي جي ڀر ۾ هو، اتي هن شاعر ڪائنات جو ظهور ٿيو. هن ٻار جنهن ڪُن فَيڪون کان به اڳ هن ڌرتي ۽ عالميت سان پيارجو پيچ اڙايو هيو، تنهن جي ڪنهن کي ڪَل هئي ته هو هر دور جو علم الانسان (Anthropologist)، علم فلڪيات، معاشيات، ميڊيڪل ۽ نيچرل سائنس سميت دنيا جي مڙني علمن جو ڌڻي ٿي بيهندو.

لطيف سائين جي شجري ۽ پيڙهيءَ جي تاريخ ورجائبي ته سندن سلسلو حضرت علي عليھ سلام ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سان وڃي ملي ٿو، لطيف سائينءَ جو اصل نسل ڪو دراوڙي به نه هيو، پر لڳي ايئن ٿو ته ڪنهن واچوڙي جي مٽي، موهن جي دڙي وٽان اڏامي وڃي هرات پهتي هوندي، جو سندس وڏن مان، سيد مير عليءَ کي موهن جي ان مٽي سنڌ ڏانهن لڏي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو، جيڪو پڻ وڏي دانش جو ڌڻي هيو ۽ امير تيمور جي زماني ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيائين. اهڙي طرح مير عليءَ جي نسل مان، لطيف سائين ”ميرڻ پوٽن“ سيدن مان شاهه حبيب جو فرزند، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پڙپوٽو هيو، سنڌ ۾ لطيف سائين جي شجري لاءِ هيءَ معلومات ملي آهي. شاهه عبداللطيف پٽ سيد حبيب شاهه، پٽ سيد عبدالقدوس پٽ سيد جمال پٽ سيد عبدالڪريم ”بلڙي وارو“ پٽ سيد الله کان ويندي مير عليءَ تائين پهچي ٿو.

لطيف سائين وڏين سُکائن کان پوءِ پيدا ٿيو هيو، شاهه حبيب جون ٻه شاديون هيون، وڏي گهر واريءَ مان هڪ شهزادو پهريان به پيدا ٿيو هيو، جنهن جو نالو پڻ عبداللطيف رکيو ويو هيو، پر ان کي مالڪ حقيقي ننڍي هوندي ئي پاڻ ڏانهن سڏائي ورتو. شاهه حبيب کي ٻي گهر واريءَ مان هڪ ٻيو شهزادو ڄائو، جنهن جو نالو جمال شاهه رکيو ويو ۽ وري پهرين گهر واريءَ مان شهزادو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو رکيو ويو شاهه عبداللطيف، هيءُ ئي اهو لطيف سائين هيو، جنهن کي اڳتي هلي عالمي مفڪر بڻجڻو هيو.

لطيف سائين جو ٻالڪپڻ:

لطيف سائين جنم کان ئي نرالو هيو، ڄڻ ته فطرت کان ڪجهه وٺي آيو هجي! پُور پَونس ته وڃيو ڀٽن ۾ ويهو رهي ۽ جي وري خيال اچيس ته وڃيو گهاٽن وڻن جي وچ ۾ فطرت سان مُکيا ميل ٿئي. هي ڪا ناداني ۽ رڳي ديوانگي نه هئي، هن ٻار وٽ اهڙي ڪا شڪتي هئي، جا ٻين ٻارن وٽ نه هئي، لطيف سائين بچپن ۾ ڪا اهڙي راند رهڻ پئي چاهي، جا راند ٻيا ٻار نه ٿي کيڏي سگهيا، تر ۾ ڪوبه اهڙو نه هيو، جيڪو لطيف سائينءَ واري راند کيڏي سگهي. ڳوٺ جا ٻار ته بس عام ٻارن وانگر هيا، تنهنڪري فطرت جي حسناڪين واري اها راند لطيف سائين فطرت سان ئي کيڏڻ لاءِ نڪري ويندو هيو.

سيد حبيب شاهه جا سڀ ڪم رهجيو وڃن، لطيف سائين جو نڪري ته موٽڻ جو نالو ئي نه وٺي، کيس الاءِ ته ڪهڙي ڪهڪشائين ساهڙ جي تلاش هئي، جو اڳتي هلي چيائين:

”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي“

هن ٻار جي اندر ۾ ڪا اهڙي سوڙهه هئي، جا ڪنهن فطري وشالتا لاءِ ماندي هئي، تڏهن ته کيس ڳوٺ، ڳوٺ جا گهر ۽ ماڻهو به سوڙها ٿي لڳا، تنهنڪري لطيف سائين جو گهڻو وقت جنگلن، برپٽن ۽ فطري منظرن منجهه اڪيلائيءَ واري حالت ۾ گذرندو هيو، هو ننڍپڻ کان ئي ابتدا ۽ انتها جا عظيم سوال کڻي، انهن جي جوابن جي تلاش ۾ سرگردان هيو.

جت آهِ نه ناهِ ڪا، اِيُ خاڪِيءَ جو خِيالُ،

جانِبَ جو جَمالُ، پَسڻَان ئِي پَري ٿِيو.

لطيف سائين جي تعليم:

لطيف سائين لاءِ اهو مشهور ڪيو ويو ته پاڻ جڏهن استاد ميان نور محمد ڀٽي وٽ پڙهڻ لاءِ ويٺو ته لطيف سائين ”الف“ کان اڳتي پڙهڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته ”الف“ کان اڳتي ڪجهه به نه آهي. اهڙي صورتحال کان پوءِ سندس استاد آخوند صاحب اهڙو احوال اچي شاهه حبيب سان ڪيو، جنهن لطيف سائينءَ کي چمندي چيو ته ”پٽ تون حق تي آهين، پر زماني ۾ سبق ڏيڻ جو اهو ئي طريقو آهي.“ تنهنڪري چيو ٿو وڃي ته لطيف سائين ڪنهن وٽ به نه پڙهيو ۽ اُمي هيو، جو علم هيس، سو خدائي ڏات هئي.

عقل ۽ فهم ان ڪري به اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، جو جيڪڏهن لطيف سائين اڻ پڙهيو هيو ته هو پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو سنڌي ڪلام، مولانا جلال الدين روميءَ جي ”مثنوي رومي “ ۽ قرآن پاڪ هر وقت پاڻ سان ڪيئن رکي هان!؟ سمجهه ۾ اچي ٿو ته کيس سنڌي، عربي، فارسي ۽ هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هيو، ڪن ڌرين جو ته اهو به خيال آهي ته لطيف سائين ڀڳتي تحريڪ جو آخري روشن ستارو هيو، جو هن ڀڳت ڪبير جي ڪلام جو به ڀرپور مطالعو ڪيو. لطيف سائين جي دور ۾ فارسي سرڪاري زبان طور استعمال ۾ ايندي هئي، پر پاڻ عظيم وطن پرست هوندي، سڀئي ٻوليون ڄاڻڻ باوجود، ڪڏهن به ڪنهن ڌاريئي قصي کي پنهنجي شاعري ۽ فڪر جو حصو نه ٿو بڻائي. ايتري حد تائين جو هو پنهنجي وطن جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح آگاهي ڏئي ٿو ته:

”جي تون پارسي سکئين، ته گولو تون غلام“

لطيف سائين جي ڪلام ۾ ڪتب آندل آيتون، حديثون، عربي توڙي فارسي ۽ هندي مهاوار (جيڪي ٿوري تعداد ۾ آهن) اهو ٻڌائين ٿا ته تمام وڏي پڙهي لکي هستيءَ جو مالڪ هيو، جي ايئن نه هجي ها ته هو ڪُن فيڪون ۽ لاحد جي اهم نقطن تي بحث نه ڪري ها.

لطيف سائين جي جواني ۽ مجاز:

شاهه حبيب جي پاڪ ۽ مقدس ڪردار ارغونن جي هڪ معزز خاندان مرزا مغل بيگ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هيو، تنهنڪري بيماري بڙيءَ جي صورت ۾ شاهه حبيب کي دعا لاءِ عرض ڪيو ويندو هيو، حالانڪ مرزا خاندان ۾ سخت پرديداري هوندي هئي.

هڪ دفعي مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پيئي ته شاهه حبيب کي دعا لاءِ عرض ڪيو ويو، جنهن جي پڻ طبيعت ناساز هئي، سو پاڻ پنهنجي شهزادي کي مرزا مغل بيگ جي گهر موڪليائون، جڏهن لطيف سائين مرزا جي نياڻيءَ جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيو ته ”جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو“ ته ان تي مرزا مغل بيگ تپي باهه ٿيو ۽ شاهه حبيب جي خاندان سان دشمنيءَ تي لهي آيو ۽ نيٺ شاهه حبيب کي ڪوٽڙي جا ماڳ ڇڏڻا پيا...

۽ هوڏانهن لطيف سائين جنهن بيمثال حسن کي ڏٺو ته مجازي حاصلات جي تڙپ کيس ويهڻ ڪٿي ٿي ڏنو!؟ هونئن به جوڀن هر انسان وٽ مهمان ٿيندو آهي ۽ جوانيءَ جون المستيون مڙني وٽان ٿي گذرنديون آهن، پر لطيف سائين جو جوڀن ۽ جواني اهڙي نه هئي، جيئن عام ماڻهن جي ٿيندي آهي.

مرزا مغل بيگ جي نياڻي جيجي سيده بيگم لطيف سائين جي ڪائناتي عشق جو هڪ ڏاڪو هيو، هن جو عشق بنهه ٻيو، نرالو ۽ انوکو، جيڪو اهڙو جو ڪنهن کي تڪڙو سمجهه ۾ نه اچي. جيجي سيده بيگم جي خوبصورت چيچ ته محض ڪائنات جي رازن تي آيل ڪلف جي ڪنجي هئي. سو لطيف سائين مجاز جي ان ڪلف کي کولڻ واري تڙپ ۾، ان ڪنجيءَ جي تلاش لاءِ نڪري پيو. مجاز ۾ ڪو اهڙو ڳجهه نظر آيس، جو لطيف سائين جي تلاش انتهائن کي ڇُهڻ لڳي. ويراڳي، ڪاپڙي، بيکاري، لانگوٽيو، ڪن ڪٽ، ڪنوٽيو ۽ ڪن چير ٿيڻ جي مشاهدن لاءِ جوڳين سان جيءُ اڙائي، اچي پنڌ ۾ پيو. ڳالهه وري به ساڳي، پنڌ کٽي ئي نه! پر پوءِ به هلندو ويو ۽ پڇندو، سمجهندو ۽ مشاهدا ماڻيندو ويو. هائو! هاڻ سمجهڻ لڳو ته جوڳي جمالي هجن توڙي جلالي، لاهوتي هجن توڙي ويراڳي، ڪاپڙي هجن توڙي بيراڳي، بابو هجن يا بيکاري، نانگا هجن يا سامي، آديسي، سنياسي يا مهيسي، پر انهن کانسواءِ جيئڻ نه آهي:

وَٽِنِ ويٺِي آهيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان،

جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سوُنهن سَندِيانِ،

پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءُ نه جِئندي اُنِ ري.

سانده ٽي سال جوڳين سان جيءُ اڙائي، گنجي ڏونگر کان سپڙ سکيءَ تائين جا پيچرا ڀهيچي، نگر نگر گهمي، ڏکن، دردن، پيڙائن، محرومين ۽ فطرت جا مشاهدا ماڻي، اچي مخدوم محمد معين سان ٺٽي ۾ مليو، جنهن لطيف سائين جي درد کي سمجهندي، کيس نصيحتون ڪري واپس حبيب شاهه ڏانهن موڪليو.

۽ پوءِ حسين چيچ واري جيجي سيده بيگم سان لائون لڌائين ۽ مجاز جون موجون به پار اڪري، ٿڪ ڀڃي، سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عالمي مفڪر لطيف سائين فڪر جي نئين پنڌ جو راهي ٿيو. لائون به ڪيئن لڌائين سا به هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. قدرت جا ڪم ايئن ٿيا، جو دَل ذات جي چورن، مغل مردن کي گهر ۾ نه ڏسي سندن الهه تلهه ٻهاري ويا، مغلن کي جڏهن خبر پئي ته هٿيار کڻي، راڄ وٺي چورن پٺيان پيا. لطيف سائين به مهل نه وڃائي ۽ لٺ کڻي اچي گڏيُن. سمجهيائين ٿي ته پاڙي جي پروڙ به ٿيندي ۽ من محبوب جي مائٽن وٽ اگهامجي سگهان ۽ محبوب کي به پروڙ پوي ته:

”من پرين ايئن پڇن، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي“

پر مغل جيڪي لطيف سائين تي اڳئي باهه ٿيل هئا، تن هن عاشق زهر پياڪ کان ڏکيءَ ويل ۾ به مدد نه ورتي ۽ پوءِ ان جهيڙي ۾ مارجي ويا ۽ وڃي هڪ ننڍڙو ڇوڪرو گولو بچيو. تنهن بعد مغل عورتون شاهه حبيب وٽ ميڙ کڻي پهتيون ۽ لطيف سائين کي پنهنجو مجاز مليو.

جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاءِ سپيرين جي،

تڏهان ڪر تر جيترو، هڪ ويل مَ وسريام،

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.

حقيقت جو سفر، ڀٽ وسائڻ ۽ ساڻس عداوتون:

جوڳين، سنياسين ۽ ڪاپڙين سان سانده ٽي سال جبلن جا گوناگون پنڌ پُڄائي، لطيف سائين نه رڳي پنهنجي لڱن ۽ لحم جو امتحان پاس ڪيو، پر فطرت جي حنسين ۽ اوکن منظرن جا مشاهدا ماڻي، پنهنجي گودڙيءَ ۾ عدم جا خزانا ميڙي موٽيو.

عدم ته مليس، پر وجود جو سفر ته بهرحال پُٺِ ڇڏڻ وارو نه هيو! هونئن به عدم ۽ وجود جي جنگ بنهه اڻانگهي هجي ٿي، هُئڻَ ۽ نه هُئَڻَ جي خوفناڪ جنگ!!

تيرٿون ۽ تڪيا، گنجو ڏونگر ۽ هاڙهو جبل، لکپت ۽ گرنار، لاهوت ۽ لامڪان، هنگلاچ ۽ جيسلمير، ڪابل ۽ قنڌار توڙي ڪيچ جا پنڌ ته محض عدم جي سفر جا نشان هئا، اهو بي خوديءَ جو پنڌ ته هيو ئي پر هڪ عظيم فطري تجربو به! پر ڪارج!؟ ساڳالهه لطيف لاءِ وڏو سوال هئي!! تڏهن ته سنياسين ۽ جوڳين سان اڻ بڻت ٿيس ۽ هيڪليائي هلڻ جي ڪيائين:

هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي،

آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل،

ته ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، سور پريان جا ساڻ مون.

ٺٽي کان ٿيندو، مخدوم ٺاري سان رهاڻيون ڪندو، بَر، بحر ۽ جبل جهاڳيندو، ڪائناتي سونهن سان سرشار ٿيندو، نيٺ اچي ڳوٺ رسيو، جتي کيس پنهنجو مجاز يعني سيده بيگم جي چيچ هميشه لاءِ ملي... مجاز جا ٿڪ ته ڀڳس، پر اصل منزل جي تڙپ رڳي مجاز تي ماٺي ٿيڻي ڪٿي هئي!؟ ۽ الاءِ ڇا کڻي آيو هيو، جهنگلن، جبلن ۽ برپٽن مان! جو هڪ طرف ته سندس فڪري مريد ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف ڀٽائيءَ خلاف ساڙ ۽ ڪيني وارا به پيدا ٿي پيا هئا ۽ پاڻ چيائين:

چائت پائي چِت ۾، سنهو ڪتيو جن،

تن جو صرافن دڪو داخل نه ڪيو.

من ۾ مير رکڻ وارا، توڙي جو ڏيکاءُ لاءِ کڻي ڪيڏو به پاڻ کي املهه ڪري پيش ڪن، پر هُتي، جتي تورَ ٿيڻي آهي، اتي اگهامڻ لاءِ، من اڇو اجرو گهرجي ٿو. تنهنڪري جن، من ۾ محبت رکي، پاڻ کي اَڀرو سڀرو ۽ نوڙت وارو ڪري پيش ڪيو، اُهي اگهامجي ويا، جو هُن صراف وٽ، رڳي محبت کي مهانتا حاصل آهي.

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،

تِنِ جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.

هائو! لطيف ڏکين پيچرن واري پنڌ تان محبت جو عظيم ۽ ڪائناتي سبق سکي آيو هيو، تڏهن ته، جيڏاهن ٿي نيڻ کنيائين، تيڏانهن ٿي محبوب سامهون آيس:

”جيڏانهن ڪريان نظر، تيڏانهن صاحب سامهون“

سندس عزيزن مان، متعلوي وارن “اجناڻي“ سيدن، مخدوم نوح جي اولاد مان ”پير پنج پاڳ“ ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڪهڙي ڪل هئي ته لطيف سائين لاحد، اکئين ڏسي آيو هيو، هن عدم جي اوڙاهه جا پنڌ ڀيچيا هئا، هو صوفي شاهه عنايت جي عظيم شهادت جو ساکي هيو، هن سنڌ تي ڌارين گهوڙن جون هڻڪارون اکئين ڏٺيون هيون ۽ هن سنڌ سميت عالم جي ازلي دردن کي سمجهي ورتو هيو. هن جي هڪ هٿ ۾ عدم ۽ ٻئي هٿ ۾ وجود هيو، جتان تنبوري جون تارون سِرجي، رڳي ”تون“ جا آلاپ ڇيڙي رهيون هيون ۽ ”مان“ نه هئي، تن تسبيح بڻجي چڪو هيو ۽ من مڻيو، دِلِ دنبوري جو روپ ڌاريو هيو ۽ تندون وحدت جي واين سان ڪائنات جي هيڪڙائيءَ جي پرچار ڪري رهيون هيون. هاڻ جڏهن ننڊ به عبادت بڻجي پيئي هئي، تڏهن اجناڻي سيدن، مخدومن ۽ ميان نور محمد کي ڪير سمجهائي ها ته هنن جون عداوتون، لطيف سان نه، پر هڪڙي وجدان، هڪ اَلمستي ۽ هڪ وحدت سان عداوتون هيون، جنهن وحدت جو هو پاڻ به حصو هئا.

وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻيءَ مَ ڀل،

هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين.

ڀلا جي ايئن نه هجي ها ته ڀٽائي سائين نور محمد ڪلهوڙي جي ڏنگي گهوڙي تي بنالغام جي ڪيئن سواري ڪري ها؟ ۽ ”پير پنج پاڳ“ ڀٽائيءَ جي فقير کان ڪتو ڦري ڀٽائيءَ سان جنگ جون تياريون ڪري ۽ نيٺ پنهنجي خليفي اسماعيل جي چوڻ تي شرمسار ۽ پيشمان ڪيئن ٿئي ها!؟ ۽ ها جيڪڏهن ڀٽائي محض ڪو عام ماڻهو هجي ها ته بيبي لعل جا ڀائر، جيڪي ڀٽائيءَ جا ئي عزيز هئا، اهي ڪڏهوڪو ڀٽائيءَ جي وجود کي فنا ڪري وڃن ها.

هو ڪنهن سان دشمنيون ڪري رهيا هئا!؟ ڪنهن کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ ٿي گهريائون!؟ ان عظيم انسان کي! جيڪو اڳيئي ڳڀا ڳڀا ٿيل هيو!؟

سر ڍونڍيا، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناههِ،

هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهه،

وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا.

هو ته هيڪڙائيءَ واري وصال تي ويل، اهو عاشق هيو، جنهن لاءِ سوري سينگار بڻجي چڪي هئي، موٽڻ سندس لاءِ مِهڻو ۽ ڪُسڻ مان قرار ٿي ورتائين، سو اهڙي عظيم انسان سان، دشمني ڪو جُڳايو ٿي ڪنهن کي!!

سوري آهه سينگار، اڳهين عاشقن جو،

مڙڻ، موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار،

ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.

هائو! شايد لطيف سائينءَ جا نيڻ پرينئن سان اٽڪيل هئا، تنهنڪري ته سوريءَ چڙهي به سَرهو پئي ٿيو! سرهو ڇا سوري ته هن لاءِ سيڄ بڻجي پيئي هئي:

سوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سنرا؟

جيلهه لڳا نيڻ، تي سوريا ئي سيڄ ٿي.

هو موت سان محبت ڪرڻ وارو بڻجي پيو هيو، تڏهن ته لطيف سائينءَ سان جنگ ۽ کيس قتل ڪرڻ جا ارادا رکندڙ ماڻهو، انيڪ سازشن جي باوجود ناڪام ٿي ويا ٿي.

۽ نيٺ هن عالمي شاعر اُن ڀٽ کي پنهنجو آسڻ بڻايو، جنهن تي هو ڪڏهن فقيرن ته ڪڏهن تنهائيءَ ۾ اچي غور فڪر ڪندو هيو، ڀٽ! جتي واريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هيو، اتي لطيف سائين فقيرن سميت پورهيي ۾ لڳي ويو هيو، پري کان مٽي ڍوئي، ڪِرڪُ واريءَ کي رهڻ جوڳو بنايائين. حالانڪ ماڻهو مٿس کليا، پر لطيف سائين ان واريءَ کي ان لائق بڻايو، جو اتي هڪ هجرو، مسجد ۽ ماءُ پيءُ لاءِ جاءِ جوڙايائين ۽ فقيرن کي جايون جوڙڻ لاءِ نشان ڪڍي ڏنائين، اهڙي طرح واريءَ جي ڀٽن تي هڪ عظيم عالمي مفڪر جو ڳوٺ جڙي پيو.

ڳوٺ ڇا!؟ سنڌ جي هزارين سالن جي ماضي ۽ هزارين سالن جي مستقبل جو هڪ اهڙو فڪري مرڪز، جتان سنڌ کي اڳتي، گهڻو اڳتي عالمي امن ۽ خوشحاليءَ جو سفر ڪرڻو آهي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته واريءَ جو اهو دڙو سنڌ ۽ عالم انسانيت جي شاندار ترقيءَ جي ضمانت بڻجي، سڄي دنيا کي سڏ ڪري، امن، آزادي، ترقي، برابري، عزت، وقار ۽ جياپي جا گل آڇيندو....

شاهه حبيب جي وفات:

۽ پوءِ ڀٽائي سائين رشتن جي حوالي سان ڇورو ڇنو ٿيو. مرزا قليچ بيگ موجب ٿيو ايئن جو” لطيف سائين جي والد صاحب سيد حبيب شاهه وفات ڪئي“، لطيف سائين تڏهن ڪوٽڙي ۾ هو، کيس پيءُ جو نياپو پهتو ته ”هيءُ وقت پڇاڙيءَ جو آهي ۽ تون هلي پنهنجي والد صاحب جو منهن ڏس“ تنهن تي لطيف سائين چيو ته ”ابي کي چئو ته ارمان نه ڪر، آءُ تو وٽ آهيان، تنهنجي پٺيءَ ٿو اچان، مون هي نظر ڪيو آهي ته الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي ڏک ڪين ڪندس، سو جي هلي ابي کي ڏسندس ته دل جهلي ڪين سگهندس ۽ پنهنجو وعدو ڀڃي ويهندس. ٻيو ته ابي کي چئج ته منهنجي جنازي جو غسل به اتي ٿيندو ۽ چئجانءِ ته ماڻهن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو ته توکي ڀٽ شاهه تي محمود شاهه جي سيراندي کان رکن، جو منهنجي جاءِ سندس پيرانديءَ کان آهي.“ ياد رهي ته محمود شاهه، ڀٽائي سرڪار جي خاص مريدن مان هو ۽ حبيب شاهه پٽ جي سنيهي کان پوءِ، کيس قاصد هٿان هيءُ بيت چوائي موڪليو:

ڪنهن جنهن نينهن گتا، جو واجهائيندي نه ورو،

جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.

۽ موٽ ۾ لطيف سائين پنهنجي بابا ڏي هي بيت ڏياري موڪليو.

متان ٿئين ملور، ڪي اڳاهين آهيين،

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهيءَ جي هيڪڙي.

۽ نيٺ لطيف سائين جو بابا سن 1731ع ۾ جسماني طور سنڌ کان جدا ٿيو، کيس ڀٽ تي لطيف سائين جي روضي کان ڪجهه وکن تي ڌرتيءَ جي هنج ۾ ابدي آرام لاءِ رکيو ويو.

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آ ديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

**************

مرڻا اڳ جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

۽ ايئن لطيف سائين ڪيئي سال ڀٽ تي عبادت ۽ رياضت سان گذاريا، هن تنبوري جون تارون ڇيڙيون، لطيف سائين جي ”مان“ ته اڳيئي مري چڪي هئي، تنهنڪري ڀٽ تي رڳي ”تون هي تون“ جي تنوار هئي.

ڀٽ هاڻ فڪر جو مرڪز بڻجي چڪي، فقير۽ فڪر وڌندا ٿي ويا ۽ دشمن گهٽبا! تان جو ڀٽائيءَ جو هاڻ ڪوبه ظاهري دشمن نه رهيو هيو، مڙيئي سندس مريد ٿيڻ جا تامائو بڻجي چڪا هئا.

ڪيئن نه ٿين ها! هو جو ڪائنات ۽ هيڪڙائيءَ جي اسرارن کي سمجهي ويو هيو ۽ سندس رَوَشِ اهڙي ٿي پيئي هئي، جو ڪير هيو جيڪو سندس هستيءَ جو انڪار ڪري!؟

لطيف سائين جي ظاهري صورت جو تصور:

پوري پُني قد، وڻندڙ پيشاني، ڊگهي نڪ ۽ ڪارين بنڀور اکين واري هن عظيم انسان جو گهڻو عرصو خاموشي ۽ ڳنڀيرتا ۾ گذرڻ لڳو، لطيف سائين جي پيشانيءَ جو رنگ ڪڻڪائون، اڪثر گيڙو رنگ جا ڪپڙا، مٽي ۾ ڊگهي جمني ٽوپي، جنهن کي تاج به چئجي، اوڍيندو هيو، پر ان مٿان به ڪپڙي جا ور ڏيئي ڇڏيندو هيو، پور پوندا هئس ته جتي به پائيندو هيو نه ته پيرين اگهاڙو ڪشتو ڪلهي ۾ وجهي نڪري پوندو هئو.

ڀٽائي انتهائي سادگيءَ جو ڌڻي هيو، سندس استعمال جون شيون ڏسي اڄ جو ماڻهو بهرحال حيران ٿي وڃي ٿو ته جنهن شخص اڳيان وقت جا حڪمران سر نوائين ۽ جنهن لاءِ بيشمار مريد ۽ فقير جان فدا ڪن، اهو شخص ايترو سادو ٿي سگهي ٿو.

ائين ڇو نه هجي ها!؟ لطيف سائين ڀٽ تي هوندي به پنڌ ۾ هوندو هيو، اهو پنڌ جسماني نه، پر فڪري پنڌ هيو، جڏهن تنبوري جون تارون ڇڙنديون هيون ته ڀٽ ڌڻي پنهنجن خيالن ۾ محفل کان گهڻو ڏور هليو ويندو هيو، سندس خيال حد ۽ لاحد کان ٽپي ڪائنات جا مڙيئي ڇيڙا ڀيجي ايندا هئا.

۽ ڀٽائي ڪثرت، وحدت، حق، جز ۽ ڪل، وطن ۽ ويڙهيچن، قومي ۽ عالمي دردن جي درمان ٿيڻ لاءِ، فڪر ۾ فنا ٿي، تنبوري جي تارن سان اهي صدائون بلند ڪرڻ لڳو هيو، جيڪي صدائون مڙني مظلوم ماڻهن جي ڇوٽڪاري جون صدائون هيون ۽ تصوف کي هڪ نئين ۽ بنهه حقيقي معنيٰ ملڻ لڳي هئي.

لطيف سائين کان اڳ ۽ پوءِ جون حالتون:

لطيف سائين پنهنجي دور، پاڻ کان اڳ واري دور ۽ مستقبل ۾ امڪاني حالتن کان چڱيءَ ريت واقف هيو. 1552ع اڪبر بادشاهه جو سنڌ تي قبضو، 1636ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو قيام، 1648ع ۾ مغلن جون سنڌين سان جنگيون ۽ گورنر مقرر ڪرڻ، 1658ع ۾ ڪلهوڙن طرفان مغلن سان معرڪا يا وري 1689ع لطيف سائين جي جنم کان پوءِ، 1719ع ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جو انتقال، 1736ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو سنڌ تي گورنر مقرر ٿيڻ، 1740ع ۾ نادر شاهه جو سنڌ تي حملو، 1748ع ۾ احمد شاهه درانيءَ طرفان هندستان تي حملو، 1750ع ۾ سنڌ تي افغانستان جو قبضي کان ويندي سنڌ اندر جاگيرداري، زمينداري ۽ پيري مريديءَ سان گڏ لطيف سائين خطي جي حالتن کان نه رڳي واقف هيو، پر کيس اهڙين حالتن جي سبب ان جو به علم هيو. لطيف سائين جي ڪلام کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته ان دور جي بحري مسافرن، ملاحن، مڇيرن، لوهارن، هارين، مزدورن، ڌنارن، فقيرن، ساڌوئن، ملنگن سميت زندگيءَ جي هر طبقي متعلق لطيف سائين هڪ اينٿروپالاجسٽ وانگر مڪمل ڄاڻ رکندڙ هيو ۽ سندس شاعريءَ جا ڪردار ۽ فڪر به انهن طبقن جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ڪائناتي رازن تي ڳالهائڻ لاءِ به گهڻو ڪري لطيف سائين تمثيلي طور اهڙن ڪردارن ۽ داستانن کي بُنياد بڻائي پنهنجو ڪلام پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻيا ته ڪيئي ماڻڪ موتي ملن ٿا، پر ان دور جي سموري تاريخ ۽ سماجي توڙي سياسي زندگي سامهون اچي وڃي ٿي.

لطيف سائين جا سُرَ، تصوف ۽ فلسفو:

لطيف سائين جي فڪر جو تڪڙو نبيرو ڪرڻ في الحال ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي، پر پوءِ سندس فڪر جا جيڪي ڪڻا ماڻهن تائين پهتا آهن يا اڪابرن طرفان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، اهي ئي حيران ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهن. اها ڪيڏي نه عجب جي ڳالهه آهي، جو اسان وٽ تصوف سماج کان لاتعلقي، آشرم اڏي مختلف نشن ۾ الوٽ رهڻ، گيڙو ڪپڙا پائي ظالم ۽ مظلوم کي ساڳيءَ اک سان ڏسڻ ۽ هر حوالي سان غيرسماجي زندگي گذارڻ جو نالو ئي وڃي صوفي ازم رهيو آهي، پر لطيف سائين ان قسم جي صوفي ازم جو انڪاري هوندي، سماج کي تبديل ٿيڻ لاءِ اڪسائي ٿو، جيڪو ئي حقيقي تصوف آهي.

ڪلياڻ:

هن سُرَ ۾ لطيف سائين لاءِ سک ۽ شانتي دراصل سوريءَ تي چڙهڻ ۽ ان کي سينگار سمجهڻ ۽ اهڙي شراب پيئڻ جي صلاح ڏنل آهي، جنهن ۾ نشي ۾ الوٽ رهڻ بجاءِ ساجن کي صحيح سڃاڻجي، نه رڳي اهو پر لطيف سائين ”ڪلياڻ“ ۾ هڪ ماهر ڊاڪٽر هوندي، جڏهن هر قسم جي نااهل اڳواڻ کي ڏسي ٿو، تڏهن کانئس هي صدا بي اختيار نڪريو وڃي ٿي:

انڌا اوُنڌا ويڄَ! کل ڪڄاڙيا کانئيين؟

اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ،

سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.

يمن ڪلياڻ:

لطيف سائين جو هي سر انسان جي ذاتي اخلاقيات جا سبق ڏيندي حقيقي صوفيءَ جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته خواهشن تي ضابطو رکڻ گهرجي، نه رڳي اهو، پر سچن سماجي جدوجهد ڪندڙن ۽ ڪوڙن دعويدارن وچ ۾ ليڪو ڪڍي بيهي ٿو. ايئن لڳي ٿو ته سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ سک ۽ شانتيءَ بدران حق لاءِ وڙهڻ ۽ زندگيءَ لاءِ نصب العين سيکارڻ جو دستاويز آهي:

صوفي چائين سَڌَ ڪرين! صوفين ايءَ نه صلاح،

ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وجهه اڇلي آگ ۾.

**************

آهي گهڻو اگهن جو، ترس طبيبن،

ڪيو وس ويڄن، تان ڪِري ريءَ ڪين ٿئي.

کنڀات:

جڏهن لطيف سائين جي سر کنڀات ۾ هلجي ٿو ته ڀٽائي ڪائنات جي سموري سونهن سان ڳالهائيندي محبوب کي مٿانهون ڪيو بيٺو آهي. هو محبوب سان جلد ملڻ لاءِ ڪنواٽ سان ڳالهائي ٿو، سواري نه هوندي ارمان ٿئيس ٿو. هن سر ۾ لطيف سائين علم فلڪيات جو ماهر هوندي تارن، سيارن، سورج ۽ چنڊ تي بحث ڪري ٿو:

چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نه پريُن سين،

تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرا.

**************

ڪَسَر ڇڏ ڪنواٽ! وکُون وجهه وڌندِيُون،

سنئين سپرين جي، ونگي ڀانءِ مَ واٽَ،

ڇڏ جهوري، ڏي جهات، ته هوندي راتِ هُت مِڙُون.

سريراڳ:

هن سر ۾ لطيف سائين بنهه سادي نموني روحاني رمزون سمجهائي ٿو، مهراڻ، معلمن، ملاحن، غواضن، ٻيڙين، غورابن ۽ جهازن کي علامت بڻائي تصوف جي انتهائن تي وٺي وڃي ٿو ۽ هن سر ۾ لطيف سائين پنهنجو پاڻ کي سامونڊي انجنيئر ثابت ڪري ٿو:

سي پُوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،

آندائون عَمِيقَ مان، جُوتي جَواهرن،

ڪانهي قيمت تن، مُلهه مهانگو اُن جو.

**************

ويا جي عميق ڏي، مهن ڪائو ڏيئي،

تن سِپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،

پسندا سيئي، املهه، اکڙين سين.

**************

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنهنجو تُرهو،

اُونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندءَ ڪو ٻيو.

سامونڊي:

لطيف سائين سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ، وڻجارن، ٻيڙياتن ۽ وَهُن (زالن) جو ذڪر ته ڪري ئي ٿو، پر هن سُر ۾ انهن وطن پرست ماڻهن جي وارتا به بيان ڪري وڃي ٿو، جيڪي پنهنجي ديس خاطر جلاوطنين جا عذاب ڀوڳين ٿا، سندن وهُون هميشه جا اوسيئڙا ڀوڳين ٿيون، پر پوءِ به پنهنجو سَتُر قائم رکن ٿيون، اهڙي طرح هڪ عورت جي عظمت جو ڪردار ته طئه ٿئي ئي ٿو، پر وڇوڙن جا جهوريندڙ عذاب، اچڻ جا بي صبر اوسيئڙا، ميلاپ جون مدهوش ڪيفيتون بيان ڪري لطيف سائين ڄڻ ته نفسيات جو ماهر ٿيو بيٺو آهي، نه رڳي اهو، پر سنڌ جي شاهوڪار واپار ۽ ان جي زوال جي ذڪر سان لطيف سائين معاشيات جي علم جو ڌڻي ٿيو بيٺو آهي، هن سر ۾ سنڌ جا ماڻهو اجگر جيڏي سمنڊ سان جهيڙين ٿا:

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

رئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،

مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.

**************

نه سي تَڙَ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جُون،

سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،

مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا.

سهڻي:

وري جو لطيف سائين سر سهڻيءَ ڏانهن هلي ٿو ته اتي به مشڪلاتن، درياءَ جي دهشت، ڪارين راتين، ڪنن جي ڪڙڪن، سيسَرن، مڇن، ڄرڪن سان جهيڙڻ جو درس ڏيئي ٿو، هن سر ۾ عورت جي همٿ، سچائي، بهادري ۽ غلاميءَ کان بغاوت جا داستان بيان ڪندي، لطيف سائين سهڻيءَ جي روپ ۾ عورتن کي سماج جو اهم حصو سمجهندي، کين غلط رسمن خلاف جدوجهد لاءِ تيار ڪري ٿو:

دهشت دم درياءَ ۾، جتي ڪنن جو ڪڙڪو،

آهيم انهيءَ پار جو، دل اندر ڌڙڪو،

نجي سڪ سيد چئي، سير سندو سڙڪو،

والي! ڪج وڙڪو، ته ٻار لنگهيان ٻارسين.

**************

سياري سِههَ راتِ ۾، جا گهڙي وسندي مِينهَن،

هلو ته پُڇون سُهڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نينهن،

جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.

سسئي:

عالمي مفڪر لطيف سائين پنهنجن ستن سورمين مان سسئي تي پورا پنج سر (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني) لکي سسئي کي دنيا لاءِ جدوجهد جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي، لڳي ايئن ٿو ڄڻ لطيف سائين سسئي جي روپ ۾ هڪ حقيقي انقلابي بڻجي، جابر قوتن خلاف جدوجهد جي ميدان تي لٿل آهي، جنهن ۾ پنهون انقلاب، ڏير جابر قووتون، اوچا ڏونگر، آڏ تراڇا آهڙا، اڻانگها پيچرا، گوناگون جبل ۽ ڀانت ڀانت جا جانور، انقلابي جدوجهد ۾ ايندڙ مشڪلاتن ۾ رڪاوٽون جو علامتي اظهار آهن.

وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا،

اتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين هيلا،

جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج، رهبر! راهه ۾.

(آبري)

**************

سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،

سپيريان جي سوڀ، ننڊون نه ڪندي نه ٿئي.

(معذوري)

**************

ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون ميون،

واٽون ويهه ٿيون، ڪُههَ ڄاڻان ڪيهي ويا؟

(ديسي)

**************

ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ! ڏاڍايون ڪرين،

مون تن اند تينئن وهين، جينئن وڻ وڍي واڍو،

ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري؟

(ڪوهياري)

**************

مٿي منجهان مينهُن، پسو! پاڻيءَ جينئن وهي،

مون ڀانيو نينهن،، ڄڀيون ڄيري سنديون.

(حسيني)

ليلا چنيسر:

وري جو ليلا چنيسر ڏانهن وڃبو ته لطيف سائين نه رڳو تصوف ويٺو سمجهائيندو، پر سماجي لحاظ کان به ڪردار سازي طئه ڪندو ايندو، هن سر کي صوفي ازم ۾ وٺبو ته چنيسر ذات حقيقي، ليلا طالب، ڪونئرو شيطان ۽ هار وڃي حرس توڙي لالچ محسوس ٿيندو. ڪيڏو نه ڪمال آهي هن مفڪر وٽ، جو هڪ حقيقي صوفيءَ کي نه رڳي سماج سان ڳنڍي بيهاري ٿو، پر کيس پابند بڻائي ڇڏي ٿو ته سماجي لحاظ کان چنيسر اعليٰ مقصد، ليلا ملڪ جي خادم، ڪونئرو مطلب پرست اڳواڻ ۽ هار عارضي فائدي جو روپ ڌاري بيهندو.

مڻئي تي موهجي، مُوڙهي ڪَيئي مرڪُ،

چئي چنيسر ڄام سين، وڌو تو فرق،

وري ويو ورق، آيءَ ڏنءُ ڏهاڳ جو.

مومل راڻو:

سر مومل راڻي ۾ به هن عظيم ۽ آفاقي شاعر گهٽ ڪانه ڪئي آهي، هڪ طرف طلسم آهي، محلات آهي ۽ ڪاڪ تي ڪنواريون پيون رقص ڪن، راڄ بيوقوف بڻجي مري کپي ٿا وڃن، پر راڻو جيڪو ڏاهو آهي، اهو هن جادوئي طلسم کي پرزا ڪري ڇڏي ٿو ۽ مومل جهڙي ماڻا ڪندڙ طلسمي عورت کي به جهڪائي وجهي ٿو، اهڙي طرح اهو سمجهڻ ۾ ڪهڙو عار آهي ته ان سر ۾ مومل کي لطيف سائين هڪ اهڙي اڳواڻ طور پيش ڪيو آهي، جيڪو عوام سان جادوگريون ڪري، سندن مال ملڪيت ۽ ڌرتيءَ تي راڄ ڪري ٿو ۽ چڱن ڀلن کي منجهائي، لالچون ڏيئي پنهنجو ڪري ٿو يا وري طاقت ذريعي ختم ڪري ٿو، پر پوءِ به لطيف سائين اهڙي طلسم ۾ راڻي جهڙي ڪردار کي جنم ڏيئي، ان جادوئي طلسم جي تڏا ويڙهه ڪرائي ٿو. ٻي طرف اهو پڻ خيال ڪيو وڃي ٿو ته هن سر ۾ لطيف سائين ذاتي رشتن ۾ انساني آزادين جي وڪالت ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سماجي لحاظ کان لطيف سائين هڪ اهڙي داستان ۾ هٿ وجهي ٿو، جيڪو غلط سمجهڻ ۾ اچي ٿو، پر لطيف سائين غلط صحيح کان مٿانهون هوندي، انساني آزادين کي ترجيح ڏيئي ٿو:

هَلو هَلو ڪاڪ تَڙين، جتي نينهن اُڇل،

نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينئن کي.

**************

هلو هلو ڪاڪ تڙَين، جتي گهَڙجي نينهن،

نه ڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرينئن کي.

مارئي:

ٿر جي مسڪين پيءُ ”پالڻي“ ۽ صدوري ماءُ ”ماڏوئي“ جي عظيم نياڻي مارئي جي داستان کي جڏهن لطيف سائين کڻي ٿو، تڏهن وطن سان عشق جون انتهائون ڪري ڇڏي ٿو. ڳالهه برابر مارئيءَ جي قيد جي ٿئي ٿي، پر لطيف سائين ڪنهن ٻئي هنڌ بيٺل ٿو ڏسجي. جڏهن اسان جا اڳواڻ عهدن ۽ دولت تي هرکجي وڃن ٿا ۽ وطن جو سودو ڪندي ويرم نه ٿا ڪن، تڏهن صديون اڳ لطيف سائين حڪمرانن جي عطر عنبيرن، پلائن ۽ شربتن، پٽ پٽيهرن ۽ عمر جي انيڪ آڇن کي هڪ مسڪين ۽ پيٽ بکي ٿاريلي عورت کان ٿڏا هڻائي ڇڏي ٿو. حب الوطنيءَ جي ٻي ڪهڙي انتها ٿي سگهي ٿي، جو مارئي دعويٰ بيٺي ڪري ته جڏهن پالڻهار ڪائنات کي تخليق ڪري رهيو هيو، تڏهن کان منهنجو من مارن ۽ ملير سان ڳنڍيل هيو، تنهنڪري اي وقت جا حڪمران تنهنجون آڇون منهنجي اڀري وجود کي لوڏي نه ٿيون سگهن! پنهنجي وطن سان عشق جو فلسفو لطيف سائين کان وڌيڪ دنيا جو ڪوبه مفڪر اهڙي طرح سمجهائي نه ٿو سگهي:

نڪا ڪُن فَيَڪُون هُئي، نه ڪا مُورت ماهه،

نه ڪا سُڌِ ثواب جي، نه ڪو غَرضُ گناهه،

هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واهه،

لکيائين لطيف چئي، ات ڳُجهاندر ڳاهه،

اکين ۽ ارواهه، اها ساڃاءِ سپرين!

ڪاموڏ:

هي سُر نوري ڄام تماچيءَ جي عشقيه داستان تي مشتمل هوندي هڪ حاڪم جو ڪردار طئي ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف مهاڻين کي به معتبر بڻائي ڇڏي ٿو، جيڪي رنگ جون سانوريون، منجهائن ککيءَ جي ڌپ پيئي اچي، سندن ٻار ميرا ۽ لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳن، پر نوريءَ سان عشق جي ڪري، ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ تي ڪنهن به مهاڻيءَ کي اچڻ وڃڻ جي روڪ ٽوڪ نه آهي، اهو آهي لطيف سائين جو هندستان توڙي دنيا جي ڪنهن به هشمت واري بادشاهه کي ڳائڻ بدران ان کي پنهنجي ڪلام جو ڪردار بڻائي ڇڏي ٿو، جو محبت ۾ پنهنجي بادشاهي هڪ مهاڻيءَ جي قدمن تي نڇاور ڪري ڇڏي ٿو:

ٿيا تماچيءَ ڄام سين، مُهاڻا محروُمَ،

ننڍي وڏي گندريءَ، مٿي ماڙيءَ ڌوم،

جي ڪينجهر جي روم، سي سڀ انعامي ٿيا.

گهاتو:

سر گهاتوءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!؟ ”اوڀائي“ جي ستن پٽن مان ”مورڙيو“ جسم ۾ جڏو هيو، پر هن وڏي عقلمنديءَ سان ان مڇ کان پلئه ڪيو، جنهن سندس 6 ڀائر ڳڙڪايا هئا، ڇا ته ڪمال آهي ڀٽائي سائينءَ جو، هڪ اڀري وجود کي دهشتناڪ وجود سان جنگ ڪرائي ٿو ۽ اهڙو تصوف، فلسفو ۽ ڪردار بيٺو سمجهائي، جنهن ۾ ظالم سان جنگ ڪرڻ ئي زندگيءَ جو نصب العين بڻجي وڃي ٿو:

جينئن جُهڳا پائيين جهول ۾، ايئن نه مرن مڇ،

سَٻَرَ ڌار سمنڊ جا، ڪي رائون رڱيون رڇ،

هي ڇاروُن ۽ ڇڇ، اڃان اوڙاهه اڳاهون ٿيو.

سورٺ:

جهوناڳڙهه جي راجا ”راءِ ڏياچ“ جي سخاوت ته ڪو لطيف سائين کان پڇي، هن سر ۾ راءِ ڏياچ جي ڀيڻ ”سورٺ“ جو ڪردار ته پنهنجي جاءِ تي، پر هڪ سخي راجا سخاوت ۽ وچن پاڙڻ جي ان انتها تي پهچي ٿو، جو هڪ فقير کي پنهنجو سر ڏيئي ڇڏي ٿو ۽ لطيف سائين راءِ ڏياچ کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳائي هر دور جي حڪمرانن لاءِ سبق ڇڏي وڃي ٿو:

مَٿي اتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار،

ته واريو واريو وڍيان، سِسيءَ کي سَوَ وار،

ته پڻ تند تنوار، موهان مٿاهوُن، مڱڻا.

ڪيڏارو:

لطيف سائين جي سر ڪيڏاري ۾ هر ان لهوءَ جو ذڪر آهي، جيڪو ظالم هٿان مظلوم جو وهايو ويو آهي، هي سر جيتوڻيڪ ڪربلا جي قضيئي تي لکيل آهي، پر هن سر ۾ جهوڪ جي جنگ جا منظر به محسوس ٿين ٿا، هن سر ۾ لطيف سائين هڪ وڏي جنگي ماهر جي حيثيت جا جنگ جا اصول سيکاريندي، جنگجو جوڌن جي وارث عورتن، سپهه سالار ۽ سپاهي جو ڪردار به طئه ڪري ڇڏي ٿو:

هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،

وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.

**************

ڀڳو آءُ نه چوان، ماريو ته وسهان،

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،

ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

سارنگ:

سر سارنگ ۾ لطيف سائين سنگهارن جي سُکن ۽ ديس جي ترقيءَ جي ڳالهه ته ڪري بيٺو، پر عالميت به سندس اوليت ۾ شامل آهي، مطلب ته ڀٽائي سائين دنيا جي مڙني قومن کي تسليم ڪندي پوري عالم جي ترقيءَ جو سڏ ڏيئي ٿو:

سانئيم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

**************

آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ منهن جينئن،

پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سکيا.

آسا:

هونئن ته ڀٽائي سائين جا مڙني سر سماجي توڙي جديد سائنس جي شعور سان سرشار آهن، پر سر آسا ۾ ته ڀٽائي اڄ جي سائنسدانن جي رهبري بيٺو ڪري، يعني لاحد جي جڏهن ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن ڄڻ ته ٽائيم ۽ اسپيس تي بحث بيٺو ڪري، جيڪو اڄ جي سائنسدانن جو وڏو سوال آهي، رڳي اهو نه، پر هن سر ۾ تصوف جا اهي رنگ پسائي ٿو، جيڪي لاتعلقي کان هٽي ڪري، هر دور سان گڏ هلي رهيا آهن، يعني مقصد جڏهن محبوب بڻجي پوي ته پوءِ پاڻ وڃائڻ کان سواءِ ڪهڙو رستو بچي ٿو؟

لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لهان نه حد،

سپيريان جي سونهن جو، نه ڪو قَدُ نه مَدُ،

هت سڪڻ بي عدد، هت پرين پرواهه ناهه ڪو ڪا.

**************

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز،

سڀ وڃائي ساز، تِهان پوءِ تڪبير چئو.

رپ:

لطيف سائين جهڙي طرح سر آسا ۾ تصوف ۽ سائنس جا رنگ پسائي ٿو، اهڙي طرح سر رپ ۾ عاشقن لاءِ وڇوڙن جو عذاب ڇا ٿيندو آهي؟ اهو ويٺو سمجهائي، پرينئن جي جدائيءَ ۾ وجود جا مامرا نبري سگهن، ان راز کي ڀٽائيءَ کان وڌ ڪير سمجهي سگهندو! اجهو سر رپ ۾ عاشق دانهون ۽ آهون بيٺو ڪري:

جئن سي کوهيءَ نار، وَهَن واريءَ گاڏُئان،

هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.

**************

چيتاري چوندياس، ڳالهيون سڀوئي سڄڻين،

جئه مقابل ٿياس، ته سڀ وڃنم وسري.

کاهوڙي:

هن سر جا لطيف سائين ڪيئي سماجي ۽ تصوفي رنگ پسائي ٿو، هي جي کاهوڙي آهن، سي ڪنهن جي تلاش ۾ پنڌ پچائي رهيا آهن؟ مسلسل جدوجهد ڪنهن لاءِ آهي؟ ظاهر آهي لطيف سائين هن سر ۾ ڪائناتي سچ جي تلاش ۽ سماجي جدوجهد وارا پنڌ بيٺو ڪرائي کاهوڙين کان:

جِت نه پکي پير، تِت ٽمڪي باهڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کِيرَ ريءَ.

**************

پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي،

واري سڀ ورق، لوچي لاهوتي ٿيا.

بروو سنڌي:

لطيف سائينءَ جو هي سر مجازي ۽ حقيقي عشق جي رمزن جو خوبصورت داستان آهي، رڳي عشق ئي عشق ۽ عشق جون رمزون:

ماڙهو گهرن مالُ، آءُ سڀ ڏينهن گهران سپرين،

دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪيان في الحال،

ڪيس نامَ نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

رامڪلي:

هن سر جا تصوفي رنگ ممڪن ئي ناهي، جو لطيف سائين کان سواءِ ڪنهن ٻي وٽ ملن، هن سر ۾ لطيف سائين حقيقي صوفي ازم جا رنگ پسائي هڪ اينٿروپالاجسٽ جي حيثيت سان بيٺو آهي، هو لامڪان جا منظر ۽ جبلن جا گوناگون پنڌ پڄائي، هڪ صوفيءَ لاءِ طئه ڪري ڇڏي ٿو ته هر اهو صوفي جيڪو فطرت جي اڙانگهن پيچرن سان جهيڙيندي ۽ انهن کي سمجهندي پار نه ٿو پوي، ان جو هن سماج ۾ ڪوبه ڪارج نه ٿو هجي، هن ئي سر ۾ هيڪڙائي، عدم، وجود، بک، برن ۽ جبلن جي حقيقتن کي سمجهڻ جي تلقين ڪري ٿو. هستيءَ جو انڪار ڪوئي هن سر ۾ جوڳين وٽان لطيف وسيلي سکي:

نُوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،

ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.

**************

جز وڃائيو جوڳئين، ڪل سين آهين ڪم،

آسڻ جن عدم، آءُ نه جيئندي ان ري.

ڪاپائتي:

هي سر جاڳ، جهاڳ، پورهيئي ۽ پريت جو سر آهي، جنهن ۾ ڪاپائتين کي لاپرواهيءَ کان منع ڪيل آهي، کين ائيٽ تي ننڊ ڪرڻي ناهي ۽ سٽ ايئن ڪتڻو آهي، جو ان مان ڪو عيب نه نڪري جو صراف نهايت سياڻا آهن، لطيف سائين هن سر ۾ انسانيت کي ذميواريءَ جو احساس ڏياريندي، پنهنجي ڪردار کي درست ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو:

ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، سُتي ساهين هڏ،

جت سرتيون ڪندئي سڏ، ات سڪندينئن سينگار کي.

**************

نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

پورب:

نياز نوڙت، ادب ۽ اخلاق محبوب جو حق آهي، ڪانگل کي هن سر ۾ لطيف سائين فضيلتون بيٺو سيکاري ته محبوب ڏانهن جي پيغام کڻي وڃين ته ادب سان ڳالهائجان، هي سر مجاز، حقيقت ۽ تجريد جي انتهائن کي ڇُهي ٿو:

پارانڀانِ پچار، مٿي لام لطيف چئي،

ڦير مَ فضيلت تون، جا ڪُرَ اَوان جي ڪار،

جي ڏِنيءَ ۾ ڏيٺار، سي اُڏامي آڻ پرين.

ڪارايل:

هي سي انهيءَ ڪري به ڪمال درجي جو آهي، جو لطيف سائين هنجن، ڪونجن، ٻگهن، نانگن کي علامتن ۾ کڻي انسانن سان مخاطب آهي ۽ کين زندگي گذارڻ جا ڍنگ پيو سيکاري ته مٿان وري جهنگلي توڙي آبي جيوت جي روين ۽ رجحانن جي تاريخ سنڀالي محفوظ ڪري رهيو آهي:

هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارئين،

ٻگهن ساڻ ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن.

**************

سنها ڀانءِ مَ سَپَ وياءَ واسينگن جا،

جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.

پرڀاتي:

سخاوت ته هر ڪو ڪري پر ڪو ”سپڙ سخيءَ“ وانگر اٻوجهن تي مهربان ٿئي، مڱڻهارن ۽ چارڻن جون وريو عادتون ئي پنهنجون ٿين، پر پوءِ به لس ٻيلي جو حاڪم ”سپڙ“ مٿانئن راضي، لطيف سائين هن سر ۾ سخاوت جو وسَار ڪندي، هدايت بيٺو ڪري ته سياڻن جو سڀ ڪو، پر اٻوجهن جو ڪو ڪو:

تون سپڙ، آءُ سيڪڙو، تون صاحب آءُ سَڳُ،

پڇي تنهنجو پڳ، ڪلهي پاتم ڪينرو.

**************

چارڻ لڱو، پنڌ گهڻو، ڪي چوٽاڻي چئيج،

هت ڪي هلائيج، اتي آءُ نه اچڻو.

ڏهر:

لطيف سائين هن سر ۾ سنڌ جي شاهوڪاري، غربت، پاڻيءَ جي وهڪرن جو عروج ۽ زوال، مهمان نوازي، غريبن تي مهربان ڌاڙيل لاکي ڦلاڻي ۽ محبوب اڳواڻ ڄام جسوتن جو ذڪر ڪيو آهي، ڄڻ ته لطيف سائين سنڌ جي تاريخ ۽ ڪردارن کي محفوظ ڪرڻ جو اهم ڪم ڪيو آهي:

ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي؟

جسوڌن جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو؟

**************

لاکا لک سُڄن، ڦلاڻيءَ ڀير ٻيو،

جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، سُتي سُنچو نه لهي.

بلاول:

جادم جکري جهڙو حاڪم شل سدائين جيئي جو سندس سخا ۽ سيرت سبب عوام منجهائنس خوش آهي، لطيف سائين سخاوت جي فلسفي جو حامي آهي، جو ان سان هر گهر جي چلهه ٻري ٿي ۽ جي حڪمران سخي هجي ته ان ڌرتيءُ کي ڪهڙي پرواهه؟

جکرو جس کرو، ٻيا سڀ آنيرا،

جيائين جڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا،

مٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري.

لطيف سائين جو فني ڪمال:

لطيف سائين جي فن جو اهو ڪمال آهي ته هو عشق مجازي ۽ عشق حقيقي کي عام احساسن ۽ جذبن مان حاصل ڪري ٿو، جنهن سان سندس فني ڪمال ۽ ڳجهي بصيرت اهڙو وجدان پيدا ڪري ڇڏي ٿي، جو سندس ڪلام عام ۽ خاص لاءِ هڪ جهڙو قبول ڪرڻ ۾ اچي ٿو.

لطيف سائين لاءِ معتبر شاعر شيخ اياز لکي ٿو ته ” لطيف سائين جي تصوف جو سلسلو حسن آهي، هن جو تصوف مذهب عشق آهي ۽ سندس عشق جي اها اڏار جيڪا زمين ۽ آسمان جي سڀني وسعتن کي ڦلهوري ٿي، سا سندس تصوف جي انهن سڀن عظيم معنائن سان سرشار آهي، جو سڀن مذهبن جي خوشبو ڏيندڙ قدرن کي گهيري هيٺ آڻي ٿو. هو حسن جو پيغمبر هيو، هو محبتن جو پيغمبر هيو، هو زماني جي رسمن ۽ ريتن کان آزاد هيو، هو ظاهر رشتن کان بي نياز هيو، اهو ئي ان جي عظمت جو نشان آهي ۽ اها ئي هن جي هيڪڙائي آهي ته هو پهريون انسان هيو ۽ آخري انسان هيو.“

اهڙي طرح لطيف سائينءَ لاءِ اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته هن جي ڪلام ۾ محض رڳي صوفيانه رمزون رکيل آهن! محسوس ائين ٿئي ٿو ته لطيف سائين صوفي ازم کي هڪ سماجي ڪردار ۽ ڪائناتي سچ جي تلاش جا گُرَ ڪجهه ايئن بيٺو سمجهائي، جو ڄڻ ته ٻڌندڙ سان سندس ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هو مقامي ڪردارن، داستانن ۽ مختلف ڪِرتُون ڪندڙن کي پنهنجي ڪلام جو بنياد بڻائي نه رڳي تاريخ کي محفوظ ڪري ٿو، پر ڪائناتي رازن تان ائين پردو کڻي ٿو، جو سندس ڪلام هر ڪنهن کي پنهنجي وارتا ۽ درد محسوس ٿئي ٿو ۽ اها ئي لطيف سائين جي آفاقيت آهي، جو ڪوبه مذهب، نظريو ۽ خيال سندس مخالف هئڻ بجاءِ حامي بڻيل آهي ۽ هر ڪنهن جي دعويٰ آهي ته لطيف سائين منهنجو آهي.

لطيف سائين عالمي شاعرن ۽ مفڪرن جي ڀيٽ ۾:

هيگل:

”هيگل“ جي سلسلي ۾ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته سندس فلاسافي دنيا جي مڙني فلاسافرن ۾ ڏکي ۽ پيچيده آهي، باوجود ان جي ته هيگل شروع کان وٺي صوفيت ڏانهن لاڙو هجڻ ڪري، سندس ما بعدالطبيعاتي فلسفو پڻ صوفياڻي طرز جو نظر اچي ٿو، تڏهن ته هو ڪائنات ۾ مڙئي موجودات منجهه فرق هجڻ جو قائل نه آهي، هيگل زمان ۽ مڪان کان مٿي حق کي ڏسي ٿو ۽ مڙني موجودات سندس لاءِ نظر جو دوکو آهي.

جڏهن لطيف سائينءَ جي شاعريءَ واري فڪر جي گهرائيءَ ۾ وڃجي ٿو ته لطيف سائين ”هيگل“ کان گهڻو اڳتي سوچيندي نظر اچي ٿو، هو ڌرتيءَ جي حقيقتن کي تسليم ڪندي، ڪائنات جي رازن کي ڳوليندي ۽ انهن جا مشاهدا ماڻيندي نه رڳي هيگل کان به وڏا سوال ۽ انهن جا جواب کڻي بيهي ٿو، پر کيس زمان ۽ مڪان توڙي انهن کان ٻاهر رڳي حق ئي حق نظر اچي ٿو.

پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،

هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

**************

حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان زري،

لڳي ماٺ مِرُن کي، ڏونگر پون ڏري،

وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀري ڪين ڪي.

وليم ورڊس ورٿ:

”وليم“ اهڙو شاعر آهي، جيڪو چوي ٿو:

”آءُ گهميس پي ڪنهن اڪيلي بادل وانگر،

جو تري ٿو هوا ۾ پهاڙن ۽ ماٿرين مٿان،

۽ اچانڪ ڏٺو مون هجوم، نرگس جي گلن جو،

ڍنڍ جي ڪناري ۽ وڻن جي هيٺ

ٿڌي هير ۾ رقص ڪندي.“

وليم ورڊس ورٿ ته صرف ڪائنات اندر هڪ بادل مس بڻجي سگهيو، پر جڏهن لطيف سائينءَ جي فڪر کي گهرائيءَ جي اک سان ڏسجي ٿو، تڏهن دنگ رهجي وڃجي ٿو. لطيف سائين خود سموري ڪائنات بڻيل آهي.

ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،

جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌاروڌار،

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪينئن چوان.

شلر:

اهڙي طرح ”شلر“ چپن سان ڳالهائيندي دل سان خواب ڏسي ٿو ۽ سنهري مقصدن ڏانهن سفر سان سندس ڏينهن کٽندا وڃن ٿا، پر ان جي ڀيٽ ۾ لطيف سائين جو سمورو وجود خواب ڏسي ٿو ۽ انهن جي حقيقت لاءِ جهد ڪري ٿو ۽ هو موت کي ڪا معنيٰ ئي نه ٿو ڏئي.

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

شيڪسپيئر:

دنيا کي اسٽيج سڏي ٿو ۽ انسانن کي اداڪار، پر لطيف سائين دنيا کان پراميد آهي ۽ دنيا کي حقيقت سمجهندي عمل ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ٿو.

ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سپرين،

جي رندن مٿي، رون ساجن ملي تن کي.

عالمي شاعرن ۽ مفڪرن سان لطيف سائينءَ جي ڀيٽ ڪرڻ جو اهو مقصد هرگز نه آهي ته اهي شاعر گهٽ آهي، پر هتي اهڙي ڀيٽ ڪرڻ جو مقصد لطيف سائين جي خيال جي اها بلندي پيش ڪرڻ آهي، جيڪا دنيا جي مفڪرن ۾ کيس بلند درجو ڏيو بيٺي آهي.

لطيف سائين جو وصال:

ڀٽ تي روزانه سماع ٿيندو هيو ۽ هڪ ڏينهن جينئن ئي لطيف سائين فقيرن کي راڳ شروع ڪرڻ جو اشارو ڪيو ته پاڻ مراقبي ۾ ٿي ويٺا، فقير ڳائيندا رهيا ۽ ان دوران لطيف سائين وڃي مالڪ حقيقي سان هڪ ٿيو.

سن 1165 هه بمطابق 1752ع ۾ دنيا جي هن عظيم شاعر ۽ فلاسافر جو 63 سالن جي ڄمار ۾ وصال ٿيو، بعد ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس مقبرو اڏايو.

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندين کي سڄڻين.

1. اڄ به جڏهن دنيا لطيف سائين جي فڪر ۽ فلسفي تي عمل ڪري ته هيءَ دنيا دهشت ۽ وحشت کان آجي ٿي عظمتن ۽ ترقيءَ جي عروج کي پسي.

حوالا:

(1) شاهه جو رسالو هوتچند گربخشاڻي

(2) اولياءِ سنڌ (اردو) اقبال احمد

(3) تذڪره اولياءِ سنڌ (اردو) مولانا محمد اقبال نعيمي

(4) پاڪستان ۾ صوفي تحريڪون ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي

(5) رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (اردو) شيخ اياز

(6) شريعت ۽ طريقت(اردو) مولانا عبدالرحمٰن ڪيلاني

(7) تصوف حاجي خدا ڏنو ابڙو

(8) شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ ڊاڪٽر فهميده حسين

(9) ڀٽ جو شاهه ايڇ ٽي سورلي

(10) شاهه جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي

(11) شاهه جو رسالو ڊاڪٽر محمد عالم سومرو

(12) رسالا شاهه لطيف (اردو) آغا سليم

(غلام رسول چانڊيو)